رياست گم ٿيل شھرين جي معاملي تي لاتعلق نظر اچي رھي آھي: اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ

0
122
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان خلاف سائفر ڪيس جو ٽرائل روڪي ڇڏيو
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان خلاف سائفر ڪيس جو ٽرائل روڪي ڇڏيو

اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا آھن تھ جڏهن کان گُم ٿيل شهرين جو معاملو اُٿاريو، رياست لڳاتار لاتعلق نظر اچي رهي آهي، رياست جي لاتعلقي کي ڪيئن ختم ڪيو وڃي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مُدثر نارو سوڌو لاپتا شهرين جي ڪيس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته، هڪ وزارت ٻي وزارت تي معاملو وجهي ٿي،رڳو رپورٽس گهرائڻ سان فائدو نه ٿيندو، جِن جو پتو پيو آهي، اُهي ته مسنگ پرسنز نه ٿيا، سندن گرفتاري ڄاڻائي ڪارروائي ڪئي وئي آهي

عدالت کي ٻيون به شيون ڏسڻيون آهن، چاهيون ٿا ته هي مامرو سدائين لاءِ ختم ٿي وڃي، لاپتا شهري ڪميشن بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪئ وئي آھي