مرسڊيز جي تيز رفتار اليڪٽرڪ ڪار پيش

0
410

نيويارڪ (دلچسپ نيوز) مرسڊيز بينز پنهنجي سستي اليڪٽرڪ گاڏي اِي ڪيو اِي کي متعارف ڪرايو ويو آهي.اها مرسڊيز جي اِي ڪيو ايس فليگ شپ اليڪٽرڪ سيڊان کان ٿوري ننڍي آهي ۽ يقينن سستي به هوندي پر ڪمپني في الحال قيمت بابت ڪجهه ناهي ٻڌايو ۽ اها ايندڙ سال ڪنهن به وقت ڪسٽمرز جي لاءِ پيش هوندي.اِي ڪيو اِي کي 2021 آءِ اي اي موبيلٽي ڪانفرنس جي موقعي تي پيش ڪيو ويو جنهن سان گڏ ڪجهه ٻين بجلي جي گاڏين اسٽيوٽگرٽ، اِي ڪيو بي ڪامپيڪٽ ايس يو وِي، اِي ڪيو ايس ڪي ايم جي پرفارمنس ۽ مي بيچ ورزنز ۽ جي ويگن ڪانسيپٽ جو به اعلان ڪيو.اِي ڪيو اِي جي سائيز اِي ڪيو ايس کان 3.5 انچ ننڍي آهي پر ان جا گهڻي قدر فيچر مرسڊيز جي فليگ شپ اليڪٽرڪ سيڊان سان ملندڙ جلندڙ آهن.ڪمپني پاڻ ٻڌايو آهي ته اِي ڪيو اِي جا جينز اِي ڪيو ايس سان ملندڙ جلندڙ آهن.اِي ڪيو اِي ۾ اِي ڪيو ايس وانگر تمام وڏو هائيپر اسڪرين ڊسپلي به موجود آهي جيڪو ڊيش بورڊ تي لڳل آهي پر آپشنل هوندو.اهڙي ئي ريت ريئر ايڪسلي اسٽيئرنگ به آپشن طور دستياب هوندو جڏهن ته اِي ڪيو اِي ۾ مختلف اپ ڊيٽس ۽ اپ گريڊز ڪيون وينديون.ان گاڏي ۾ 90 ڪلو واٽ بيٽري بيڪ هوندو ۽ ڪمپني موجب فل چارج تي اها گاڏي 410 ميل تائين سفر ڪري سگهندي.اِي ڪيو اِي ۾ 288 هارس پاور طاقت هوندي جڏهن ته اِي ڪيو ايس ۾ 516 هارس پاور آهي.مرسڊيز بينز ٻڌايو ته اِي ڪيو اِي جو ٻيو ورزن به لانچ وقت موجود هوندو، پر اهو واضح نه ڪيو ته ان ۾ ڪهڙو فرق هوندو.