ڪراچي: سنڌ جون 37 مان 4 شگر ملون هن سال به نه هلڻ جو امڪان آهي، نجمه شگر ملز، مرزا شگر مل، تلهار شگر ملز ۽ سيري شگر ملز ۾ گذريل سال به چمنيون نه ٻريون هيون، جيڪي هن سال به بند رهڻ جو امڪان آهي. پاسما جي ذريعن ٻڌايو آهي ته ڄاڻايل شگر ملن ۾ هلندڙ سال به پيڙهائي نه ٿي سگھندي.