ڪراچي: سنڌ جي آبادگارن کي شگر ملز 20 سالن کان  پريميم جي مد ۾ 44 ارب رپين جون رهتون ادا نه ڪيون، ان حوالي سان آبادگار اڳواڻ محمود نواز شاھ جو چوڻ هو ته آبادگارن  کي شگر ملن پاران 20 سالن کان پريميئم جي ادائگي ناهي ٿي، مجموعي طور تي اها رقم 44 ارب رپيا ٿئي ٿي. ٻئي طرف زرعي ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي ڪمند ۾ مٺاس 9.5  پوائنٽن تائين ٿئي ٿي. واضح رهي ته ڪمند جي مٺاس 8.5 پوائنٽن کان وڌيڪ هجڻ تي آبادگارن کي پريميئم جي رقم ڏني ويندي آهي.