ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه کي نڌ ۾ ڪورونا جو سفير سمجهيو وڃي، وفاقي وزير فواد چوڌري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير هجڻ وقت وينٽيليٽر ۽ ويڪسين ٺاھڻ لاءِ قدم کنيا، جڏھن ته مراد علي شاھ آڪسيجن ۽ ويڪسين وڪڻڻ لاءِ پلان ٺاھيو، سنڌ حڪومت جي نااھلين جي نشاندھي ڪرڻ وارن کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي هڪ بيان ۾ هن چيو ته وزير اعلي ٻڌائي ته ھو ھر ھفتي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڇو ڪندو آهي؟ هن چيو ته مراد علي شاھ جا ڪورونا وارا ڊراما سڄي دنيا ڏسي چڪي آهي، سنڌ جي مارڪيٽن ۾ ڪـورونا ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي پوليس دڪاندارن ۽ ريڙھي وارن کان ڀتو وصول ڪري رھي آھي، هن چيو ته سنڌ ۾ ويڪسين سياسي خاندانن ۽ مافياز کي لڳائي پئي وڃي پيپلزپارٽي جو وس پڄي ته ويڪسين تي به پنھنجن ليڊرن جون تصويرون لڳائي ڇڏي، هن چيو ته وفاقي حڪومت پوري ملڪ ۾ عوام کي مفت ويڪسين لڳائيندي.