اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ۾ ڪورونا ايس او پيز جي سڀ کان وڌيڪ ڀڃڪڙين جِي دعوائن تي وڏي وزير مراد علي شاهه جِي وفاقي حڪومت مٿان تنقيد چيو آهي ته ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ وفاقي حڪومت جو طريقو بلڪل سمجهه کان ٻاهر آهي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته پوري ملڪ ۾ ڪورونا صورتحال سنگين آهي، گهٽ ۾ گهٽ 2 هفتن لاءِ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ گهرجي، اسان اڳ به ٽرانسپورٽ تي پابندي لڳائي هئي، هن چيو ته مون اين سي او سي ميٽنگ ۾ چيو هو ته اسان کي انٽرسٽي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ گهرجي، پوري دنيا فلائيٽس بند ڪيون، اسان جي ملڪ مان ڪير وڃي ٿو ته 14 ڏينهن لاءِ قرنطينه ڪرڻو پوي ٿو، جڏهن آئون ڪراچي کان اسلام آباد آيس ته جهاز پورو ڀريل هو، مون ته ٻڌو هو ته فلائٽس 20 سيڪڙو سان جاري آهن، مراد شاهه چيو ته ڪورونا وائرس روڪڻ لاءِ وفاق جو طريقو بلڪل سمجهه کان ٻاهر آهي، اخباري بيان ڏيڻ ۽ نوان ميٽر ايجاد ڪرڻ سان ڪورونا پکيڙ روڪي نٿي سگهجي، هڪ وفاقي وزير چوي ٿو ته ٽرانسپورٽ بند نٿا ڪري سگهون ڇو ته ماڻهو خريداري لاءِ ايندا آهن، ٻيو وفاقي وزير چوي ٿو ته آخري 10 ڏينهن رمضان ۾ لاڪ ڊائون ٿيندو جنهن کي خريداري ڪرڻي آهي ڪري ڇڏي، مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان لاڪ ڊائون لاءِ ڪهڙي شيءِ جو انتظار ڪري رهيا آهيون؟ هن چيو ته هڪ وڏي ناڪامي آهي ته اسان ويڪسين وقت تي نه گهرائي سگهياسين، اسان پوئتي پيل ملڪن کان به پوئتي رهجي وياسين، مراد شاهه چيو ته سنڌ ۾ ڪورونا صورتحال گهڻي سٺي ناهي پر سنڌ ۾ اسپتالن جي صورتحال بهتر آهي، بسترا ڀرجي به ويا ته حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي، هن چيو ته اسان دير ڪري چڪا آهيون، اپريل ۾ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ گهرجي ها، وزيراعظم چوي ٿو ته گهٻرائڻو ناهي، آئون تمام گهڻو پهريان گهٻرائي چڪو آهيان، هن چيو ته يوم علي تي اين سي او جلوسن تي پابندي لڳائي ۽ صدر مملڪت چيو ته جلوس ۾ ايس او پيز تي عمل ڪريو، عمران خان چوي ٿو ته ڪورونا خطرناڪ بيماري آهي ۽ ٻئي ڏينهن پاڻ وري منصوبن جو افتتاح ڪري ٿو، اسان ڪورنا بابت قدم نه کنيا ته ڀارت جهڙي صورتحال ٿي ويندي، مراد شاهه چيو ته وزير اعظم هڪ ڏينهن چوي ٿو ته ماسڪ استعمال ڪريو، نه ته ڀارت جهڙي صورتحال ٿيندي، ٻئي ڏينهن وري پاڻ ميڙاڪا ڪوٺائي ٿو، فواد چوڌري پهريان چنڊ ڏسندو هو، هاڻ ڪورونا ايس او پيز ماپڻ لاءِ ميٽر ٺاهيو اٿس، وفاقي وزير ٻڌائن ٿا ته ايس او پيز تي ڪيترو عمل ٿي رهيو آهي، ان تنقيد تي سنڌ حڪومت وڌيڪ ڪم ڪري ڏيکاريندي، بليم گيم ۽ ميٽر ايجاد ڪرڻ سان ڪورونا کي نٿو روڪجي سگهجي، ماڻهن جي زندگين سان کيڏڻ جو جواب ڏيڻو پوندو، اين اي 249 واري مامري تي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آسان لاءِ حيران ڪندڙ هيو، ان چونڊ دوران ووٽر پر جوش هيا ان چونڊ ۾ ڇهن وڏين پارٽين حصو ورتو، هن وقت چونڊ عمل ۾ سڌارن جي ضرورت آهي، ڪيترائي اعتراضن باوجود اليڪشن ڪميشن جي ٻيهر ڳڻپ واري فيصلي کي قبول ڪيو آهي.