حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ قائم آئيسوليشن وارڊ مان ڪورونا متاثر جوابدار هٿڪڙين سميت فرارٿي ويو آهي . پوليس کيس سمورن آئيسوليشن وارڊن ۾ ڳوليندي رهي. ٻڌايو پيو وڃي ته پهرين مئي تي جي او آر ٿاڻي جي پوليس پنهور ڳوٺ مان جوابدار غلام رباني کوسو ۽ سندس ساٿي نارو ڪولهي کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 5 موٽرسائيڪلون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. پوليس ٻنهي جوابدارن کي رمانڊ لاءِ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو. پوليس ذريعن موجب عدالت جوابدارن جون ڪورونا واريون ٽيسٽون ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي جوابدارن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. 2 ڏينهن اڳ ڪورونا جي ٽيسٽ واري رپورٽ اچڻ بعد تصديق ٿي ته گرفتار جوابدار غلام رباني کوسو کي ڪورونا جي تصديق ٿي، جڏهن ته سندس ساٿي نارو ڪولهي جي ٽيسٽ رپورٽ نيگيٽو آئي، جنهن بعد پوليس نارو ڪولهي کي جيل منتقل ڪيو جڏهن ته ڪورونا متاثر جوابدار غلام رباني کوسو کي ڪوهسار ۾ قائم آئيسوليشن وارڊ ۾ منتقل ڪيو جتان 4 مئي تي شام جو افطاري واري ٽائيم تي جوابدار هٿڪڙين سميت فرار ٿي ويو. جي او آر ٿاڻي جي ايس ايڇ او واقعي کان لاعلمي جو اظهار ڪندي تصديق ڪئي ته ڄاڻايل جوابدار کي ڪجهه ڏينهن اڳ گرفتار ڪرڻ بعد جيل اماڻيو ويو هو. ٻئي طرف پوليس ذريعن موجب فرار ٿيل جوابدار جي ڳولا لاءِ پوليس قاسم آباد جي ڀٽائي نگر واري علائقي ۾ قائم سندس گهر تي به چڙهائي ڪئي پر کين جوابدار هٿ نه اچي سگهيو آهي ۽ ٽيم سندس اصل ڳوٺ نصيرآباد واري علائقي ۾ پڻ رواني ٿي وئي آهي.