مديجي ڀرسان جهيڙي دوران مارجي ويل ٻن ڄڻن جو قتل ڪيس داخل

0
299

مدئجي (ن پ ا) مديجي ڀرسان جهيڙي دوران مارجي ويل ٻن ڄڻن جو قتل ڪيس داخل، ڳوٺ عزت جي وانڍ ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙي دوران امتياز ۽ عبدالجبار جوڻيجو مارجي ويا هئا، مسمات رشيدان جي فرياد تي 16 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ويو، جهيڙي بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال، رهواسين ۾ خوف پکڙيل آھي، پوليس جوابدارن جي گرفتاري ۽ جهيڙو ٽارڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو.