سعودي عرب سڄي دنيا جي 60 هزار حج پانڌيئڙن کي ڀلي پار اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

0
464

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) سعودي عرب سڄي دنيا جي 60 هزار حج پانڌيئڙن کي ڀلي پار اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ڪورونا وبا کانپوءِ پهريون ڀيرو پرڏيهي حج پانڌيئڙن کي حج جي سعادت لاءِ اجازت ڏني وئي آهي، مذهبي معاملن بابت وزير اعظم جي نمائندي حافظ طاهر اشرفي چيو آهي ته پاڪستان مان حج پانڌيئڙن جا تفصيل بعد ۾ جاري ڪيا ويندا، 18سالن کان گهٽ ۽ 60کان وڏي عمر جي شهرين کي حج تي وڃڻ جي اجازت نه هوندي، حج پانڌيئڙن کي ڪورونا وئڪسينيشن سان گڏ سعودي عرب ۾ 3 ڏينهن قرنطينه ۾ گذارڻا پوندا.