اسلام آباد: جاري ڪيل اقتصادي سروي مطابق ختم ٿيندڙ مالي سال دوران ٽيڪس ڇوٽ ۾ 164 ارب رپين جو اضافو ٿيو، ختم ٿيندڙ مالي سال دوران مختلف شعبن کي 1314 ارب رپين جون ٽيڪس مراعتون ڏنيون ويون، انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 448 ارب رپيا، سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 578 رپيا، ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ 287 ارب رپين ڇوٽ ڏيڻ شامل آهي.