ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سنڌ ڪابينا جو اجلاس اربع 15 جون تي طلب ڪري ورتو آهي. انهي اجلاس ۾ نئين مالي سال 22-2021 جي صوبائي بجيٽ جي منظوري ورتي ويندي. جڏهن ته سنڌ سول سرونٽس رولز ۾ ترميم، ميرپورخاص يونيورسٽي جي قيام جي منظوري سميت ٻيا معاملا سنڌ ڪابينا اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيا ويا آهن. اجلاس ۾ نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ مختلف ٽيڪسن ۾ واڌ جي تجويزن جي منظوري ورتي ويندي.