محرابپور ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو

0
253
محرابپور ڀرسان سڱاوتي

محرابپور (ن پ ا) محرابپور جي سينئر سول ڪورٽ وٽ انڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڳوٺ حاجي گلاب انڙ واسي نوجوان امين انڙ تيز ڌار اوزار جا وار ٿيڻ سبب ٿڏي تي ئي مارجي ويو ۽ مختيار انڙ سخت زخمي ٿي پيو

مقتول جو لاش ۽ زخمي کي ٽراما سينٽر محرابپور آندو ويو، جتان ابتدائي طبي امداد ملڻ بعد زخمي کي نوابشاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ مقتول نوجوان جي لاش جو پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو

مقتول نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته برادري جي 4 جوابدارن شمن، عبدالله انڙ ۽ سندس ٻن پٽن پاران سڱاوتي معاملي تان اڄ محرابپور جي سينئر سول ڪورٽ وٽ خنجر جا وار ڪري نوجوان امين انڙ کي قتل ۽ مختيار انڙ کي سخت زخمي ڪري اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث سمورا جوابدار گرفتار ڪري ورتا آهن، واقعي جي وڌيڪ پڻ جاچ ڪري رهيا آهيون جنهن وقت به مقتول جا وارث ايندا ته ڪيس پڻ داخل ڪيو ويندو

ھي به پڙھندا

سکر ڀرسان پيش امام مبينا طور اغوا ٿي ويو