رميز راجا پي سي بي چيئرمين جي عهدي تان استعيفا نه ڏيندو

0
619
رميز راجا پي سي بي

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز حسن راجا پنهنجي عهدي تان استعيفا نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڏس ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيئرمين پنهنجو ڪم جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هو پنهنجي مستقبل جي حوالي سان حڪومت جي پيغام جو انتظار ڪري رهيو آهي

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته رميز راجا پاران استعيفا ڏيڻ جي صورت ۾ پي سي بي جي چيئرمين شپ لاءِ اڳوڻو چيئرمين نجم سيٺي جو نالو غير هيٺ آندو ويندو

ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نئين چيئرمين لاءِ نجم سيٺي مضبوط اميدوار بڻجي سامهون آيوآهي. ذريعن جو اهو به ٻڌائڻ آهي ته ماضي ۾ پي ايس ايل سميت ڪيترن ئي وڏن منصوبن کي ڪاميابي سان هلائيندڙنجم سيٺي کي ان جا دوست به مبارڪو ڏئي رهيا آهن پر هو ان معاملي تي ڳالهائڻ کان پاسو ڪري رهيو آهي