ڪراچي/ ميرپورخاص (رپورٽ : حبيب جمالي ۽ روي مالهي) سي ٽي ڊي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي ميرپورخاص ۾ ڪارروائي، متحده لنڊن جا 2 دهشتگرد گرفتار، واسع جليل ۽ انيس احمد خان ايڊووڪيٽ طرفان ٻنهي دهشتگردن کي ڀارتي ايجنسي را کان ٽريننگ ڏيارڻ جو انڪشاف، انيس احمد خان ايڊووڪيٽ جي گرفتاري جا امڪان وڌي ويا. ان ڏس ۾ سي ٽي ڊي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اداري ميرپورخاص ۾ ڪارروائي ڪري ايم ڪيو ايم لنڊن سان واسطو رکندڙ 2 دهشتگردن پاڪ ڪالوني جي رهواسي رٽائرڊ پرائمري ٽيچر وجيھ الدين عرف وجھيه ۽ جمناداس ڪالوني جي رهواسي تعليمي بورڊ ميرپورخاص جي ملازم عبدالنعيم قائمخاني کي گرفتار ڪري ورتو، ان ڏس ۾ ڊي آءِ جي (سي ٽي ڊي) عمر شاهد حامد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته لانڍي ريلوي اسٽيشن وٽان گرفتار ڪيل جوابدارن نعيم احمد، عمران احمد ۽ عليم الدين جي نشاندهي تي ميرپورخاص مان 2دهشتگردن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هڪ اينٽي ايئرڪرافٽ گن، 131 رائونڊ، 3 رائفل، هڪ هينڊ گرينيڊ، 2 ايوان گولا، 2 پستول هٿ ڪيا ويا. ڊي آءِ جي موجب ٻئي دهشتگرد ايم ڪيو ايم ميرپورخاص جا سينئر ڪارڪن آهن، جوابدارن انڪشاف ڪيو ته 1998 کان 2002ع وچ ۾ متحده باني جي چوڻ تي انيس احمد خان ايڊووڪيٽ ۽ واسع جليل هڪ سسٽم متعارف ڪرايو، جنهن هيٺ سنڌ جي مختلف شهرن جي ڪارڪنن کي ڀارتي ايجنسي “را” کان ٽريننگ ڏياري دهشتگردي ۾ استعمال ڪرڻو هو، انهي سسٽم تحت انيس احمد خان ايڊووڪيٽ ۽ واسع جليل نائن زيرو تي ڪارڪنن جا انٽرويو ڪرڻ کانپوءِ کين ڀارت اماڻيو. ڊي آءِ جي موجب جوابدارن اعتراف ڪيو ته کين ڊگھي عرصي تائين انڊيا ۾ “را” کان هٿيار ۽ گولا بارود هلائڻ جي تربيت ڏياري وئي،پاڪستان خلاف ذهن سازي ڪرڻ لاءِ مختلف مواد ذريعي تعليم ڏني وئي، سقوط ڍاڪا، انقلاب روس، انڌيري رات ڪا مسافر ۽ تحريڪ آزادي پاڪستان ۽ ٻيا ڪتاب ڏنا ويا، ڪائونٽر سرويليئنس ۽ اٺ سواري به ٽريننگ جو حصو هئي ته جيئن ٻين ساٿين کي ٿر جو بارڊر ڪراس ڪرائڻ ۽ هٿيارن جي اسمگلنگ ڪري سگھجي. ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي موجب جوابدارن کي انڊيا ۾ دهلي، جوڌپور ۽ ڀوڄپور سميت ٻين شهرن ۾ رکيو ويو، سمورو خرچ انيس احمد خان ايڊووڪيٽ ڀريو، تربيت بعد پاڪستان پهچي جوابدار سليپر سيلز لاءِ لنڊن ۾ قيادت کي معلومات فراهم ڪندا رهيا. ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي موجب اي پي ايم ايس او جو اڳوڻو صدر محمود صديقي مرڪزي ڪردار آهي، جيڪو هن وقت انڊيا ۾ رهي متحده باني ۽ “را” وچ ۾ رابطن جي ذميواري نڀائي رهيو آهي. ڊي آءِ جي موجب انيس احمد خان ايڊووڪيٽ کي ملڪ ڇڏڻ کان منع ڪري سندس سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيو ويو، کيس ٻيهر گھرايو ويو آهي، کانئس بينڪ ٽرانزيڪشن متعلق پڇاڳاڇا ڪئي ويندي، انيس ايڊووڪيٽ خلاف ڪجهه شاهديون مليون آهن، ضرورت پوڻ تي کيس گرفتار به ڪري سگھجي ٿو، اهو جاچ آفيسر جي صوابديد تي ڇڏيل آهي ڊي آءِ جي موجب امڪان آهن ته انيس ايڊووڪيٽ جو نالو فورٿ شيڊيول ۾ به شامل ڪرڻ لاءِ سفارش ڪريون، واسع جليل کي وطن واپس آڻڻ لاءِ گھرو وزارت ذريعي انٽرپول سان رابطو ڪيو ويندو. ڊي آءِ جي موجب ڊاڪٽر فاروق ستار کان پڇاڳاڇا ڪئي آهي، ان کي ٻيهر گھرائڻ جي في الحال ضرورت ناهي، هوڏانهن ميرپورخاص مان گرفتار ڪيل 2 دهشتگردن دهشتگردي ايڪٽ، ڌماڪيدار مادو رکڻ ۽ سنڌ آرمز ايڪٽ سميت مختلف قلمن تحت ڌار ڌار 4 ڪيس داخل ڪري اي ٽي سي ميرپورخاص ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو .