مبارڪپور ڀرسان پاڻي جي واري تي ويل 2 نوجوان ڪيئن اغوا ٿيا؟

0
173

مبارڪپور (ن پ ا) مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ جمن شاهه ۾ پاڻي جي واري تي ويل 2 نوجوان اغوا، هٿياربند نوجوان ولي محمد مائري ۽ ظفر علي مائري کي اغوا ڪري ويا، زرعي زمين تان مغوين جا چپل ۽ ٻيون سامان هٿ، مبارڪپور ٿاڻي تي اغوا جي رپورٽ داخل ٿيڻ بعد پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي، مغوين جي بازيابي لاءِ ڪارروائي نه ٿي، وارثن جو چوڻ آهي ته ٻئي نوجوان رات جو پاڻي جي واري تي ويا هئا ته ڌاڙيل کين اغوا ڪري ويا.