ڪراچي )رپورٽ: اياز بروهي) سنڌ سرڪار ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب هڪ ڀيرو ٻيهر تعليمي ادارا، شادي هال، درگاهون ۽ تفريحي ماڳ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، تعليمي ادارن ۾ صرف امتحان سگهندا، مارڪيٽون ۽ شاپنگ مال به هفتي جا ٻه ڏينهن ( جمعي ۽ آچر ) مڪمل بند، جڏهن ته باقي ڏينهن ۾ بازارون صبح 6 کان شام 6 وڳي تائين کلي سگهنديون. ويڪسين نه ڪرائيندڙن سرڪاري ملازمن جون پگهارون بند ٿينديون، عام ماڻهن جون موبائل سمون پڻ بند ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ سومر کان شاپنگ مالز ۽ مارڪيٽون صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين کليل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. رڳو ڪريانه، کير ۽ ڀاڄي وڪرو ڪندڙ، بيڪريون ۽ فارميسي (ميڊيڪل اسٽور)کليل رهنديون. ترجمان موجب سومر کان هوٽلن، ريسٽورنٽس ۽ ڪلبن ۾ انڊور ۽ آئوٽ ڊور کاڌي کائڻ تي بندش هوندي، رات 10 وڳي تائين ٽيڪ اوي ( ماني پارسل ڪرائي کڻڻ ) ۽ رات 12 وڳي تائين هوم ڊليوري جي اجازت هوندي. ترجمان چيو ته سومر کان صوبي ۾ تعليمي ادارا به بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ سمورا امتحان پنهنجي شيڊيول موجب ٿيندا. جڏهن ته سرڪاري ۽ نجي شعبي جي آفيسن ۾ 50 سيڪڙو اسٽاف حاضر رهندو. ترجمان موجب انهن سمورن فيصلن تي سومر کان عمل ڪرايو ويندو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعليٰ سيد مراد شاهه چيو ته ڪورونا صورتحال انتهائي خطرناڪ آهي، وڌيڪ سخت قدم کڻنداسين ، ڪورونا ويڪسين نه ڪرائيندڙن جون موبائل سمون بلاڪ ڪرائڻ لاءِ پي ٽي اي کي خط لکنداسين، وڏي وزير مراد علي شاهه اين سي او سي کي سنڌ حڪومت جو فيصلو موڪلڻ جي هدايت ڪندي چيو ته جيڪي ماڻهو هڪ هفتي دوران ويڪسين نه ڪرائيندا انهن جي موبائل سم بلاڪ ڪئي وڃي، وزيراعليٰ مراد شاهه چيو ته ايندڙ مهيني کان ويڪسين نه ڪرائيندڙ سرڪاري ملازمن جون پگهارون روڪيون وينديون، ان ڏس ۾ وزيراعليٰ ناڻي کاتي جي سيڪريٽري کي اي جي سنڌ سان رابطو ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته صورتحال تمام ڳڻتي جوڳي آهي، هن وقت مجموعي طور تي 1002مريض اسپتالن ۾ آهن، جن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، اسپتالن ۾ داخل مريضن جو 85 سيڪڙو نان ويڪسينيٽڊ آهي، صرف 15 سيڪڙو مريض ويڪسينيٽڊ آهن، جيڪي بهتر حالت ۾ آهن، موجوده صورتحال مان ظاهر ٿئي ٿو ته ويڪسينيشن تمام ضروري آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 457 مريضن جو معائنو ڪيو ويو، جن مان 35 سيڪڙو مريض ميڙاڪن ۾ شرڪت سبب ڪورونا جو شڪار ٿيا، جڏهن ته 23 سيڪڙو شادي ڪاڄن ، 17 سيڪڙو مارڪيٽن ۾ وڃڻ، باقي 12 سيڪڙو هڪ شهر کان ٻئي شهر وڃڻ ۽ 3 سيڪڙو ڪم ڪرڻ وارين جاين تان ڪورونا جو شڪار ٿيا آهن. هوڏانهن گهرو کاتي موجب اسڪول ۽ ڪاليج 31 جولاءِ تائين بند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته انٽر جا امتحان ڪورونا ايس او پيز تحت ڪرايا ويندا.