چرس اسمگلنگ ۾ ملوث سي آءِ اي عملدارن جو هڪ ٻيو اسڪينڊل سامهون اچي ويو

0
250
چرس اسمگلنگ ڪيس مان

ڪوٽڙي (ن پ ا) ڄامشورو کان ڪراچي چرس اسمگلنگ ۾ ملوث سي آءِ اي عملدارن جو هڪ نئون اسڪينڊل، ڪوٽڙي ٿاڻي تي سي آءِ اي سينٽر ڄامشورو جي عملدارن خلاف چرس ۽ آفيم لڪائڻ جو ڪيس داخل، معطل وڏو منشي اصغر پنهور ۽ ننڍو منشي جبار سولنگي جوابدار طور نامزد، ڪيس ۾ معطل عملدارن طرفان لڪايل 3 ڪلو چرس ۽ اڌ ڪلو آفيم هٿ ڪرڻ جي دعويٰ، چرس اسمگلنگ اسڪينڊل بعد غائب ٿيل سي آءِ اي عملدار اڃا تائين پوليس جي پڪڙ ۾ نه آيا، سرور راهپوٽو، اصغر پنهور ۽ جبار ڀٽي خلاف چرس اسمگلنگ جو به ڪيس داخل ٿيل آھي.