ٻانڌي ۾ نينگري سان قتل کان اڳ اجتماعي زيادتي جو انڪشاف

0
218
ٻانڌي ۾ شادي تقريب بعد نينگري

ٻانڌي (ن پ ا) ٻانڌي ۾ شادي جي تقريب دوران اغوا بعد قتل ڪيل معصوم سنڌيا سان اجتماعي جنسي زيادتي جو انڪشاف، نينگري جي والد ڌرمو ڀيل جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ قتل ۽ جنسي زيادتي جا قلم شامل ڪيا ويا، ڪيس ۾ جوابدار ساجن ۽ نرمل ڀيل گرفتار ٿيل، پوليس ٽئين جوابدار ريوو ڀيل کي گرفتار نه ڪري سگهي، ڳوٺ عبدالخالق راڄپر ۾ شادي جي تقريب دوران اغوا بعد قتل ڪيل نينگري جو لاش گذريل ڏينهن واهه مان هٿ آيو هو، پوليس ذريعن موجب جوابدار ساجن ڀيل جاچ دوران انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ٻن ساٿين قتل کان اڳ 7 ورهين جي سنڌيا ڀيل سان جنسي زيادتي ڪئي هئي، پوليس نينگري ۽ جوابدارن جا جُزا ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ روهڙي ليبارٽري اُماڻي ڇڏيا.