ميرپورماٿيلو ( ن پ ا ) ميرپورماٿيلي ۾نماز پڙھڻ دوران نوجوان تي جوابدارن حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو آھي. ڳوٺ قبول گڏاڻي ۾ شفيق گڏاڻي مٿان 4 جوابدارن ڇُرين جا وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، جنھن کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال ميرپورماٿيلو ۾ داخل ڪيو ويو آھي. ان سلسلي ۾ زخمي نوجوان ٻڌايو ته ڳوٺ مان ٻڪري چوري ٿي ھئي جيڪا محمد گڏاڻي چوري ڪئي جنھن تان منھن ماري کان پوءِ جوابدار ڀائرن سان گڏجي حملو ڪري زخمي ڪيو آھي نوجوان جي فرياد تي جوابدران مٿان اين سي داخل ڪئي وئي