ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ خلاف شهرين پاران وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ جي ڪوشش، پي آءِ ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو، ٽريفڪ به معطل ٿي   وئي. ان ڏس ۾ لياري ۾ گيس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف مختلف برادرين طرفان پهرين پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو، بعد ۾ مظاهرين وزير اعلي هائوس ڏانهن مارچ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کين شاهين ڪامپليڪس وٽ روڪي ورتو. جتي مظاهرين پوليس کي چقمو ڏئي پريس ڪلب وڃڻ بدران گورنر هائوس پهچي ويا، اڌ مظاهرين گورنر هائوس آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، باقي وري وزيراعليٰ هائوس ڏانهن روانا ٿيا، انهي دوران پوليس جون ڊوڙون لڳي ويون، پوليس اٽالن پي آءِ ڊي سي چوڪ تي مظاهرين کي روڪي ورتو، جنهن بعد اهي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. گورنر هائوس ۽ پي آءِ ڊي سي تي ڌرڻن سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي، گاڏين جون قطارون لڳي ويون. پي آئي ڊي سي تي لڳايل ڌرڻي ۾ عورتن جو به وڏو انگ شريڪ هو. انهي دوران حڪومت خلاف نعريبازي پڻ ڪئي وئي. مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ اختر ترڪ ۽ ٻين چيو ته لياري ۾ گيس ناهي،  فليٽن ۾ ڪاٺيون ٻارڻ به عذاب آهي، ٻار بنا نيرڻ جي اسڪول وڃن ٿا. هنن چيو ته لياري ۾ گيس، بجلي ۽  پاڻي ناهي، لياري واسين کي الائي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏني پئي وڃي؟ هنن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ، سوئي سدرن ۽ واٽر بورڊ لياري لاءِ دهشتگرد بڻيل آهن. هنن چيو ته لياري پ پ جو ڳڙهه آهي پر لياري جو ڪير به ناهي، وفاقي حڪومت جي ترجيح ۾ به لياري شامل ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته لياري جا پاڻي، بجلي ۽ گيس سميت ٻيا مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو