اسلام آباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جا اثاثا ضبط ڪرڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير اسحاق ڊار جا اثاثا ضبط ڪرڻ جو حڪم واپس وٺڻ جو لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت اسحاق ڊار خلاف نيب ريفرنس جي واپسي کانپوءِ اڪائونٽس ۽ اثاثن بابت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ناڻي واري وزير جي اثاثن جي ضبطي واري پابندي ختم ڪئي وئي آهي ۽ بينڪ اڪائونٽس به بحال ڪيا ويا آهن. عدالت چيو ته اسحاق ڊار سرينڊر ڪري چڪو آهي ۽ ٽرائل دائري اختيار ختم ٿيڻ سبب ختم ٿي چڪو آهي، جڏهن ته پراسيڪيوٽر به چيو ته عدالت قانون موجب مناسب حڪم جاري ڪري، تنهن ڪري اسحاق ڊار جا اثاثا ضبط ڪرڻ جو حڪم واپس ورتو وڃي. واضح رهي ته 11 ڊسمبر 2017 تي احتساب عدالت اثاثا ريفرنس ۾ اسحاق ڊار جا اثاثا ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، اسحاق ڊار جا لاهور ۾ بينڪ اڪائونٽس ۽ گهر ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا هئا.