لعلورائنڪ ويجهو فائرنگ ۾ نوجوان قتل، هڪ ڄڻو زخمي

0
418

لعلورائنڪ (ن پ ا) لعلورائنڪ ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، ڳوٺ مراد علي مغيري وٽ اڻڄاتل جوابدارن جي فائرنگ ۾ 35ورهين جو محمد ادريس مغيري قتل ٿي ويو، جڏهن ته ذوالفقار بليدي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي، تمام جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو..