پير جو ڳوٺ ڀرسان باهه لڳڻ سبب ٻن پورهيتن جا گهر سڙي رک

0
451

پير جو ڳوٺ (ن پ ا) پير جو ڳوٺ ويجهو باهه لڳڻ سبب ٻن پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا، ڳوٺ فتح گھمرو ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب سعيد گهمرو ۽ نعيم گهمرو جي گهرن کي باهه لڳي وئي، متاثرين جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ سبب گهر ۾ پيل هنڌ، بسترا، ان، نياڻين جو ڏاج، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان سڙي ويو، وس وارن کي اپيل آهي ته واهر ڪئي وڃي..