لطيف يونيورسٽي جي وي سي جي وڊيو وائرل بعد وڌيڪ 3 عملدارن استعيفائون ڏئي ڇڏيون

0
116
لطيف يونيورسٽي جي وي سي جي وڊيو وائرل بعد وڌيڪ 3 عملدارن استعيفائون ڏئي ڇڏيون
لطيف يونيورسٽي جي وي سي جي وڊيو وائرل بعد وڌيڪ 3 عملدارن استعيفائون ڏئي ڇڏيون

سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جي سوشل ميڊيا تي غير اخلاقي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد آفيسرن پاران عهدن تان استعيفائون ڏيڻ وارو سلسلو جاري آهي

ان سلسلي ۾ يونيورسٽي جي رجسٽرار ۽ ايڊوائيزي اڪيڊمڪ پروفيسر ڊاڪٽر مينهون خان لغاري، ڊائريڪٽر اسٽوڊنٽس افيئر، شاگردياڻين جي معاملن بابت صلاحڪار شاهده بيگم چانڊيو استعيفائون ڏئي ڇڏيون آهن

رجسٽرار پروفيسر مينهون خان لغاري پاران استعيفا ڏيڻ بعد يونيورسٽي انتظاميه طرفان اڳوڻي رجسٽرار مريد حسين ابوپوٽو کي رجسٽرار جي چارج ڏئي ڇڏي آهي. واضح رهي ته وائيس چانسلر جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل نازيبا وڊيو کانپوءِ يونيورسٽي جي ايجوڪيشن شعبي جي ڊين پروفيسر محمد صالح ۽ ھڪ ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رياض احمد شيخ اڳ ئي استعيفائون ڏنيون آهن

جڏهن ته آفيسرن، استادن ۽ ملازمن پاران گڏيل طور تي جوڙيل جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي پاران يونيورسٽي اندر ريلي ڪڍي ايڊمن بلاڪ ۾ وائيس چانسلر جي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

جنهن جي اڳواڻي ٽيچر ايسوسئيشن ڪي صدر پروفيسر اختيار گهمرو، جنرل سيڪريٽري پروفيسر حسام الدين شيخ، آفيسر ايسوسئيشن جي جنرل سيڪريٽري سيد منير شاهه راشدي ۽ ايمپلائيز يونين جو صدر حاڪم ڦلپوٽو ۽ ٻين ڪئي. يونيورسٽي انتظاميه پاران احتجاج دوران پوليس جي وڏي نفري پڻ طلب ڪئي وئي

ٻئي پاسي يونيورسٽي جي مختلف شاگرد تنظيمن، سول سوسائٽي، وڪيلن ۽ سماجي اڳواڻن پاران يونيورسٽي کان پريس ڪلب خيرپور تائين پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن جي اڳواڻي سرتاج وساڻ، حنيف ميتلو، نويد ميمڻ، ايڊوڪيٽ علي اڪبر شر، سجاد سولنگي، حاڪم ڦلپوٽو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا

هنن چيو ته وي سي جي غير اخلاقي وڊيو وائرل ٿيڻ واري مامري جي سنڌ جي وڏي وزير سميت ٻين اختيارين هن وقت تائين ڪو به نوٽيس ناهي ورتو نه وري وي سي خلاف ڪا ڪاروائي ٿي سگهي آهي، جنهن ڪري اسان جي اداري جون نياڻيون غير محفوظ بڻيل آهن. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سنڌ جي وڏي وزير ۽ يونيورسٽي جي چانسلر کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي نوٽيس وٺي وي سي کي هٽائي جاچ ڪرائي وڃي