ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي نگران صوبائي وزير جان اچڪزئي افغانستان کي دهشتگردي جو مرڪز قرار ڏئي ڇڏيو. ڪوئيٽا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته افغانستان دهشتگردي جو مرڪز آهي، دنيا کي دهشتگردي برامد ڪري رهيو آهي. جيڪا دنيا لاءِ خطرناڪ ڳالهه آهي. افغانستان جي حڪومت دهشتگردن کي اسان جي حوالي ڪري. پاڪستان ۾ دهشتگردي جون ڪڙيون افغانستان سان ملن ٿيون.