ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ روينيو بورڊ 2022ع جي 17.5 ارب جي ڀيٽ ۾ ڊسمبر 2023ع ۾ 21.3 ارب رپيا اوڳاڙي ورتا، ان حوالي سان سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته سنڌ روينيو بورڊ ڊسمبر 2023ع  مهيني ۾ 22 سيڪڙو واڌ سان 21.3 ارب رپيا اوڳاڙيا آهن، ساڳئي ريت گذريل مالي سال 23-2022 جي پهرين ڇهن مهينن جي 80.2 ارب جي اوڳاڙي جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال 24-2023 جي پهرين ڇهن مهينن ۾ 108.6 ارب رپيا گڏ ڪياويا . سخت معاشي حالتن ۾ وصولين  ۾ 35 سيڪڙو اضافو مالي بهتري لاءِ سٺو آهي. هن چيو ته سنڌ روينيو بورڊ گهٽ معاشي ترقي ۽ غير مستحڪم ٽيڪس بنيادن باوجود 24-2023ع  دوران 235 ارب رپين جو مقرر ڪيل هدف حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي.