لطيف جي پارکو استاد فيضو کماڻ جي ساھ جي تند ٽٽي پئي

0
221

ڪوٽڙي (ن پ ا) چڱو ڀٽائي آئون هلان ٿو، لطيف جي پارکو استاد فيضو کماڻ جي ساھ جي تند ٽٽي پئي، ڪسمپرسي واري زندگي گهاريندي بيماري سبب استاد فيضو کماڻ جو سن ڀرسان اباڻي ڳوٺ ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، استاد فيضو کماڻ لطيف جو وڏو پارکو ۽ حافظ هو، استاد فيضو کماڻ وٽ لطيف جا سمورا رسالا ۽ ناياب نسخا پڻ رکيل هئا،ڪجهه مهينا اڳ ٽائيم نيوز تي استاد فيضو کماڻ بابت ڊاڪيومنيٽري نشر ٿي، جنهن بعد کيس ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ وڏي مڃتا ملي،استاد فيضوکماڻ جي جنازي نماز سن ڀرسان ڳوٺ کماڻ ۾ ادا ڪئي ويندي.