مھينو اڳ آگاھي ڏني تھ سکر ڊويزن ۾ ريلوي ٽريڪس جي حالت ٺيڪ ناھي: ڊي ايس ريلوي

0
214

اسلام آباد/سکر (بيورو رپورٽ) ڏھرڪي ويجھو ٻن ٽرينن ۾ حادثي بابت ڊي ايس ريلوي سکر جو چوڻ آهي ته هڪ مهينو اڳ ريلوي اختيارين کي آگاهه ڪيو ويو ته سکر ڊويزن ۾ 13 مختلف هنڌن تي ريلوي ٽريڪس جي حالت ٺيڪ نه آهي، حادثي واري هنڌ تي خراب ٽريڪ جي به نشاندهي ڪئي وئي هئي، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر عمران اسماعيل طرفان به ٽرين حادثي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آھي، سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ٽرين حادثي جي ڪارڻن جو مڪمل جائزو وٺڻ گهرجي، وزيراعظم واقعي جي جاچ جي هدايت ڪئي آهي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته گهوٽڪي کان روهڙي تائين ريلوي لائين انتهائي خراب آهي، خراب ٽريڪ کي تبديل ڪرڻ گهرجي.