لاڪ ڊائون ۽بيروزگاري! 200 ڊرامن ۾ڪم ڪندڙ مزاحيه فنڪار سبزي وڪڻڻ تي مجبور

0
478

اڪري چودڳي (ن پ ا) سوين ڊرامن ۾ فن جا جوهر ڏيکاريندڙ بصيرو واسي مزاحيه اداڪار شعيب راڄپر فن جي دنيا کي الوداع چئي سبزيءَ جو دڪان لڳائي پيٽ گذر ڪرڻ لڳو. سندس چوڻ آهي ته هتي اهليت کي اهميت نٿي ڏني وڃي، سفارش ۽ پئسي جو جهان هلي ٿو. اڪري ڀرسان بصيرو جي ڳوٺ ۾ سهراب راڄپر واسي شعيب راڄپر اداڪاري،صداڪاري جي قدرتي صلاحيتن آڌار ڳوٺن ۾ ٿيندڙ شادين مرادين ۾لائوڊ اسپيڪرن تي ماڻهن کي ٽوٽڪا، ڀوڳ، مزاحيه خبرون ٻڌائي ٻاراڻي وهيءَ کان فن جي شروعات ڪئي. ٿوري ئي عرصي ۾ اسٽيج ڊرامن جون منزلون طئي ڪندي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پهتو. غيرمعمولي صلاحيتن جي بنياد تي ڊرامن، ٽيلي فلمن ۽ اسٽيج شوز ۾ مزاحيه اداڪاري ڪرڻ باوجود شعيب راڄپر پذيرائي حاصل نه ڪري سگهيو. اهڙي صورتحال بعد فن جي دنيا کي الوداع چئي سبزي جو دڪان لڳائي پيٽ گذر ڪرڻ لڳو آهي.

پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته هتي ٽيلنٽ نه پر سفارش ۽ پئسي جو جهان هلي ٿو، يادگار ڪردار ادا ڪرڻ باوجود سفارش نه هئڻ ۽ غريب سبب ڊرامن ۾ ڪم ملڻ بند ٿي ويو. غربت سبب شادي به نه ڪري سگهيس. هن ٻڌايو ته 5 يتيم ڀائرن کي سنڀالڻ خاطر پنهنجون خوشيون قربان ڪري ڇڏيون آهن. واضح هجي ته شعيب راڄپر 200 کان وڌيڪ اسٽيج ڊرامن، مختلف سنڌي ٽي وي چئنلز جي ڊرامن تپندڙ ڌرتي ٻرندڙ ماڻهو ، ٿر ٿوهر، گهر جهوپڙا، ارمان، چوڙيون ۽ ڀروسو کان علاوه سنڌي ٽيلي فلم قلم ۽ ڪلاشنڪوف  ۽ انجام ۾ پڻ ڪم ڪيو.