ڀارتي هدايتڪارا فرح خان ويڪسين ڪرائڻ باوجود ڪورونا جو شڪار

0
370

ممبئي (شوبز نيوز) ويڪينيشن ڪرائڻ باوجود مشهور ڀارتي ڪوريو گرافر ۽ هدايتڪاره فرح خان ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي آهي. هن انسٽا گرام تي مداحن کي ٻڌايو ته ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آئي آهي اميد آهي ته جلد هحتياب ٿي وينديس. مون ڪارو ٽڪو نه لڳرايو هو جنهن ڪري بيمار ٿي پئي آهيان. هن چيو ته مون پاڻ سان گڏ رهندڙ ماڻهن کي آگاهه ڪيو آهي ته اهي پنهنجو خيال رکن ۽ منهنجي لاءِ دعا ڪن.