لاکا روڊ ۾ ناريءَ سان سهري ۽ ٻن ڏيرن پاران مبينا طور ڏاڍائي جو انڪشاف

0
227
مبينا طور ڏاڍائي جو انڪشاف
لاکا روڊ ۾ ناريءَ سان سهري ۽ ٻن ڏيرن پاران مبينا طور ڏاڍائي جو انڪشاف

ٽنڊو آدم:  ٽنڊي آدم جي ڪهيري پاڙي جي رهواسڻ ناري نرما ڌيءَ نزاڪت ڪهيري لاکا روڊ ۾ ساهراڻي گهر ۾ مڙس جي ٻن سالن کان سعودي عرب وڃڻ سبب سهري سڪندر خاصخيلي ۽ ٻن ڏيرن ذاڪر ۽ جاويد مسلسل ٻن سالن کان مبينا طور لڄالٽ جو نشانو بڻايو، جنهن سبب ناري 7 مهينن جي حمل سان ٿي وئي آهي جيڪا وجھ وٺي گهران نڪري ٽنڊي آدم ۾ پنهنجي پيءَ نزاڪت ڪهيري جي گهر پهتي.

متاثر ناري نرما ڪهيري دانهيندي ٻڌايو ته 4 سال اڳ ۾ لاکا روڊ واسي منير خاصخيلي سان مائٽن شادي ڪرائي جيڪو به مارڪٽ ڪندو هو پر 2 سال اڳ مڙس جي  ڪمائڻ لاءِ سعودي عرب وڃڻ کانپوءِ مون تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرايا ويا، گهر ۾ سهرو سڪندر خاصخيلي ۽ 2 ڏير ذاڪر ۽ جاويد 2 سالن کان لڄ لٽيندا رهيا جنهن سبب مون کي 7 مهينن جو حمل ٿي ويو آهي. هن ٻڌايو ته منهنجي مزاحمت ڪرڻ تي مونکي ٽئي ڄڻا تشدد جو نشانو بڻائيندا هئا، آئون وجھ وٺي ڀڄي نڪري هتي پهتي آهيان.  هن چيو ته مون سان ظلم ٿيو آهي، انصاف ڪيو وڃي.

ان موقعي تي ناريءَ جي والد نزاڪت ڪهيري دانهيندي چيو ته منهنجي نياڻي سان وڏو ظلم ٿيو آهي، ظالمن اسان کي اجاڙي ڇڏيو، اسان سان انصاف ڪيو وڃي .