پنوعاقل مان اغوا ٿيل صحت کاتي جو ملازم بازياب

0
131
صحت کاتي جو ملازم بازياب
پنوعاقل مان اغوا ٿيل صحت کاتي جو ملازم بازياب!

پنوعاقل: پنوعاقل مان اغوا ٿيل صحت کاتي جي ملازم مختيار ڪلوڙ کي پوليس پاران آپريشن بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. صحت کاتي جي ملازم مختيار ڪلوڙ کي ٻه مھينا اڳ اغوا ڪيو ويو ھو .

ايس ايس پي سکر عرفان سمون دعويٰ ڪئي ته گدپور جي ڪچي ۾ آپريشن بعد مغوي مختيار ڪلوڙ کي بازياب ڪرايو ويو آھي. هن چيو ته ڏوھارين خلاف ڪچي ۾ آپريشن ھلندڙ ٻين مغوين جي بازيابي تائين آپريشن جاري رھندو .

هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته مغوي جي بازيابي راڄوڻي ڪوششن ۽ ڀنگ عيوض عمل ۾ آئي.