لاکاروڊ (ن پ ا) لاکاروڊ ڀرسان ڳوٺ ستار ڏنو مڱريو ۾ هڪ گهر کي اوچتو باهه لڳڻ بعد ٻين گهرن کي به وڪوڙي وئي، 15 گهر سڙي ويا، باهه جي خبر پوندي ئي سوين ڳوٺاڻن پهچي باهه وسائڻ جون ڪوششون جاري ڪري ڏنيون پر تيز طوفاني هوائون گهلڻ سبب باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو، جنهن بعد ٽائون ڪاميٽي محرابپور ۽ ٽائون ڪاميٽي ڪنڊيارو مان فائر برگيڊ جي گاڏين پهچي باهه تي ضابطو آندو. باهه سبب ڳوٺاڻن نواب خان مڱريو، احمد علي مڱريو، سومر، ساجن علي، مومن، منٺار، مز علي مڱريو ۽ ٻين جا گهر ۽ گهرن ۾ پيل سامان، اناج ۽ ٻڪريون سڙي رک ٿي ويون. جڏهن ته مهتاب علي مڱريو جو ريزڪي جو دڪان به سامان سميت سڙي رک ٿي ويو، باھ سبب 7- گهرن جو نقصان وڌيڪ ٿيو. جڏهن ته 8-گهرن جو جزوي نقصان ٿيو،ڳوٺاڻن پاران نلڪن تان پاڻي ڀري باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، عورتن توڙي ٻارن ۾ گهر سڙڻ سبب روڄ راڙو مچي ويو. ڳوٺ جي سماجي اڳواڻن امام بخش مڱريو، راجا فيض محمد مڱريو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي ڊي سي نوشهرو فيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته غريب ڳوٺاڻن جي سڙيل گهرن جي ٿيل نقصان جو سروي ڪرائي سندن ٻيهر اجها ٺاهڻ لاءِ مدد ڪئي وڃي.