گمبٽ (ن پ ا) سوڀيديرو ڀرسان ڳوٺ چڪر وارياسو ۾ مبينا طور وڏي ڀاءُ پاران 500 رپيا کڻڻ تان پنهنجي ننڍي ڀاءُ غلام عباس مـڱڻيجو تي سخت تشدد ڪري کيس بيهوش ڪري ڇڏيو، نينگر جو پيءُ پنهنجي معصوم پٽ کي کڻي سوڀيديرو ٿاڻي تي پهچي وڏي پٽ خلاف اين سي داخل ڪرائي، ان حوالي سان متاثر 5 ورهين جي غلام عباس مـڱڻيجو جي والد منظور احمد مڱڻيجو دانيهندي چيو ته وڏي پٽ 500 رپيا کڻڻ جو الزام هڻي ننڍي پٽ غلام الدين مـڱڻيجو تي لٺين سان تشدد ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو آهي، هن مطالبو ڪيو ته وڏي پٽ کي گرفتار انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف سوڀيديرو پوليس ٻڌايو ته نينگر جي والد پنهنجي وڏي پٽ غلام الدين مڱڻيجو خلاف اين سي داخل ڪرائي آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون.