ڪراچي(بزنس نيوز) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڊگهين موڪلن بعد ڪاروبار جي پهرئين ڏينهن هاڪاري اڳڀرائي ٿي ۽ هاڪاري رجحان رهيو. 100 انڊيڪس 621 پوائنٽن جي اضافي سان 45 هزار 796 پوائنٽن تي بند ٿيو. ڪاروباري ڏينهن ۾ انڊيڪس جي بلند ترين سطح 45 زهار 807 رهي 43 ڪروڙ شيئرز جا سودا ٿيا. ڪاروبار جي ماليت 20 ارب 32 ڪروڙ رپيا رهي. مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 68 ارب رپيا وڌي 7876 ارب رپيا رهي.