لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي مختلف شعبن ۾ ڊيوٽي ڪندڙ سيڪيورٽي گارڊن ٽن مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف اٺين ڏينهن به سول اسپتال روڊ ڪيلجولٽي  گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو، سول لائين پوليس سيڪيورٽي گارڊن کي گرفتار ڪري روڊ کولرائي ڇڏيو، جميل ملغاڻي، امداد مگسي، غلام الله ناريجو، جميل پٺاڻ کي پوليس گرفتار ڪري مٿن شهرين کي پريشان ڪرڻ روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ هنگامي ڪرڻ جي ايف آئي آر چار سڃاتل ۽ 8 اڻ ڄاتل مٿان داخل ڪري ڇڏي آهي،لاڙڪاڻو پوليس پاران پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪندڙ نجي سيڪيورٽي ڪمپني جي ملازمن تي داخل ڪيل ايف آئي آر ۾ 341 147 ۽ 148 پي پي سي قلم شامل ڪيا ويا آهن جڏهن ته ايف آئي آر ۾ 12 تي داخل ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي خانگي سيڪيورٽي گارڊن نعيم تنيو، وسيم راجا شيخ، صفدر عباسي، جميل ملگاڻي، امداد مگسي دانهيو ته ڪراچي جي خانگي سيڪيورٽي ڪمپني سيڪيورٽي گارڊ طور 10 هزار ماهوار پگهار تي ڀرتي ڪيو.8 ڪلاڪ بجاءِ 12، 12 ڪلاڪ ڊيوٽي وٺڻ باوجود ٺيڪيدارن عبدالطيف جتوئي، بشير جتوئي اسان جون گذريل ٽن مهينن کان پگهارون بند ڪري ڇڏيون آهن.ايڊوڪيٽ سلمه ڀٽو معرفت عدالت سڳوري مان ليگل نوٽيس به موڪليا آهن پر تنهن باوجود اسان کي پگهارون نٿون جاري ڪيون وڃن.احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون، آخر ڪنهن در دانهن کڻي وڃون. ڪير به خوشي مان روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ناهن ڪندا.