شهباز شريف ۽ شوڪت ترين ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويا

0
225
شهباز شريف ۽ شوڪت ترين

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ۽ ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت ترين ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي

هن چيو ته شهباز شريف جو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيو آهي ۽ هن پاڻ کي گهر ۾ قرنطينه ڪري ڇڏيو،  ڊاڪٽرن شهباز شريف کي مڪمل آرام جو مشورو ڏنو آهي،  ان کان اڳ به شهباز شريف ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي

ٻئي پاسي ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت ترين به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو، جنهن پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي

هوڏانهن سنڌ جي راندين واري کاتي جو سيڪريٽري اختر عنايت ڀرڳڙي به ڪورونا وائرس جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي، سيڪريٽري اسپورٽس پاران ڪورونا جي ڪرايل ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي، جنهن پاڻ کي گهر اندر قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي

واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 9 سيڪڙو کان وڌي ويو آهي جڏهن ته ڪراچي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪورونا متاثر شهرن جي لسٽ ۾ پهرين نمبر تي آهي

ھي به پڙھندا

ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ: اين سي او سي نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون