لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شھر جي سچل ٿاڻي جي حد محمدي ڪالوني ۾ پيڪن ۾ ترسيل ٻن ٻارن جي ماءُ 28 ورهين جي ثريه کي سندس مڙس گهريلو اڻبڻت تان گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو. اهڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ تي وارثن جو اسپتال ٻاهران ڌرڻو، لاڙڪاڻي شهر جي سچل ٿاڻي جي حد محمدي ڪالوني ۾ صبح سوير نظر محلا واسي رنگ جي ڪاريگر جوابدار سجاد پٺاڻ پنهنجي ساهرن جي گهر ۾ گهڙي پنهنجي گهر واري 28 ورهين جي عورت ثريه کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو، اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل ورتا بعد ۾ مقتولا جو لاش ايمبولينس ۾ کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرياڻي موڪل تي هئڻ سبب پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ تي مقتولا عورت جي وارثن سول اسپتال روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو. 5 ڪلاڪن بعد پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. ان موقعي تي مقتولا عورت جي ڀائرن سلطان احمد ۽ علي اصغر ڪلهوڙو پنهنجي سئوٽ احمد علي ڪلهوڙو ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته پنج سال اڳ ڀيڻ ثريه جي شادي نظر پاڙي واسي نوجوان سجاد پٺاڻ سان ٿي هئي جنهن مان ڀيڻ کي هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءُ جو اولاد آهي، شادي بعد ڀيڻ کي سندس مڙس گهر جو خرچ نه ڏيندو هو ايتري حد تائين جو اسان جي ڀيڻ 2 ويلا پاڙيوارن جي گهران ماني کڻي پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪندي هئي. اهڙن حالتن ۾ به ڀيڻ اسان کي ڪڏهن به شڪايت نه ڪئي ۽ مڙس جا ظلم سهندي رهي. هنن چيو ته مهينو اڳ ڀيڻ ثريه مڙس جي ظلم ۽ زيادتين کان تنگ ٿي اسان جي گهر آئي جتي سجاد جي ناني اچي ضمانت کنئي ته ثريه کي سندس مڙس حوالي ڪيو اسان سمورن معاملن جا ذميوار آهيون پر ٻن ڏينهن بعد سجاد ڀيڻ کي پستول ڏيکاري قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني جنهن تي ڀيڻ ثريه ٻيهر اسان جي گهر آئي ۽ اسان هن ڀيري کيس چيو ته هاڻي اسان جي ڀيڻ اوهان وٽ نه رهندي کيس طلاق ڏيو، ان دوران ڪيترائي ڀيرا سجاد ڀيڻ سان موبائيل فون تي رابطو ڪري کيس گهر اچڻ جو چيو پر اسان جي ڀيڻ انڪار ڪيو ته جوابدار سجاد پٺاڻ پستول سان گهر ۾ گهڙي عورتن کي پستول ڏيکاري ڌمڪي ڏني ته اسان جي ڀيڻ ثريه مڙس جي هٿ ۾ پستول ڏسي ڪمري ۾ ڀڳي ته پويان سجاد ڪمري ۾ وڃي کيس گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته ڀيڻ جي قتل ۾ ملوث سندس مڙس سجاد پٺاڻ کي گرفتار ڪري سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي. ڌرڻي جي اطلاع تي حد جي سول لائين ٿاڻي جي پوليس پهچي مقتولا عورت جي وارثن کي خاطري ڪرائي جنهن تي وارثن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو. جڏهن ته پنج ڪلاڪ گذرڻ بعد مقتولا عورت جو پوسٽ مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي گهر روانا ٿي ويا. هوڏانهن سچل ٿاڻي جي پوليس جوابدار جي مامي کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. واقعي بابت سچل پوليس طرفان مقتولا عورت جي مٽ مائٽن کان معاملي بابت وڌيڪ پڇا ڳاڇا جو سلسلو جاري آھي عورت جي قتل ڪيس ۾ ملوث سندس مڙس سجاد پٺاڻ جي گرفتاري لاءِ ڇاپا مار ٽيم روانو ٿيل آهي تمام جلد جوابدار سجاد پٺاڻ کي قانون جي گرفتار ۾ آندو ويندو. هوڏانهن آخري اطلائن تائين اهڙي قتل جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي مُک جوابدار گرفتار ٿي سگهيو هو.