لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ مختلف ٿاڻن رتوديرو، علي گوهر آباد ،حيدر سميت ٻين ٿاڻن جي پوليس ڪارروائين دوران اشتهاري جوابدار جبار سيانچ، اغوا ڪيس ۾ روپوش جوابدار فرحان ڪورڪاڻي، لال ڏنو حاصلو، شهزادو ميربحر، شفيق عرف شفقت ۽ حاجي ميمڻ ۽ دڙي پوليس ريلوي گدام تان جوابدار شهزادو کيڙو کي اڌ ڪلو چر سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي رتوديرو پوليس شهري منصور ڪنڀر جي موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي آهي.