بدين (رپورٽر) چوهڙ جماليءَ جي رهواسي جوڙي بدين ۾ پسند جي شادي ڪري ڇڏي. خبر چوهڙ جمالي جي ڳوٺ جعفر ماڃريو ملاح جي ناري نظيران ماڃريو ۽ ڳوٺ جلال شاھ جي رهواسي محمد سليم شيدي بدين جي عدالت ۾ پسند جي شادي بعد صحافين سان ڳالهائيندي ناري نظيران چيو ته اسان ڪافي عرصي کان هڪٻئي کي چاهيندا هئاسين پر مائٽن اسان جي شادي ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنھن سبب گهران نڪري پنهنجي رضا خوشيءَ سان سليم شيديءَ سان پرڻو ڪيو آهي. هن الزام هڻندي چيو ته پسند جي شادي بعد پيءُ غازي ماڃريو، مامون، شيرو، غلام، يوسف، بخشو ۽ جمن ماڃريو ڪارو ڪاري تحت مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. زندگين کي خطرو آهي. هنن ايس ايس پي بدين، سجاول ۽ ٺٽو کان مطالبو ڪيو ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.