لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي رهائشي علائقن ۾ هٿرادو گٽر نالا بند ڪري پاڙا ٻوڙڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، شهر اندر تازو پيل برساتن کانپوءِ اڪثر پاڙن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين پاڻي بيٺو رهيو، فيصل ڪالوني، ايوب ڪالوني، صديقي ڪالوني، ائمپائر روڊ سميت مختلف محلن ۾ ميونسپل ڪارپوريشن جي عملي طرفان ڪراچي واٽر بورڊ جي گاڏين ۽ ٻي مشينري جي مدد سان گٽر نالن جي کاٽي ڪرائي پئي وڃي، جنهن دوران مين گٽر نالن مان وڏا پٿر، سرون ۽ مٽي سان ڀريل ٻوريون ڪڍيون ويون آهن، جنهن جون وڊيوز به سامهون آيون آهن. ان سلسلي ۾ پيپلزپارٽي پنهنجي سياسي ڳڙھ ۾ گٽر نالا هٿرادو طور بند ڪرڻ واري عمل کي پارٽي خلاف سازش قرار ڏنو آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو چيو آهي ته پوري شهر ۾ ڄاڻي واڻي گٽر نالا بند ڪيا ويا، جنهن ڪري پاڻي نيڪال ٿيڻ ۾ ڪجھه ڏينھن لڳي ويا، ميونسپل ڪارپوريشن جي عملي مسلسل ڪوششون وٺي گٽرن مان ڀريل ٻوريون، پٿر ۽ سرون ڪڍيون آهن.