دادو ( رپورٽر ) ڊي سي دادو کلي آسمان هيٺ ويٺل ٻوڏ متاثر خاندان جي لاء آيل ٽينٽ بااثر وڏيرن ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن کي ڏيڻ لڳو ، سوشل ميڊيا تي ڊي سي هائوس جي پٺئين پاسي واري گيٽ کان ٽينٽن سان ڀريل ٻه ڊاٽسنن جي وڊيو وائرل ٿي آهي ، جنهن ۾ اهو ڏيکاريو پيو وڃي ته ٽينٽ سان ڀريل ٻه ڊاٽسنون ڊي سي هائوس جي پٺئين گيٽ کان نڪري واپس ڊي سي هائوس جي اڳئي مک گيٽ کان ٿينديون دادو لاڙڪاڻو روڊ طرف روانيون ٿي ويون آهن. بار بار رابطو ڪرڻ باوجود ڊي سي دادو موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي، ڊي سي دادو مرتضي شاھ 2 ڏينهن اڳ سيشن جج دادو کي پيش ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته کين 9 هزار 700، ٽينٽ مليا جيڪي هنن انڊس هاء وي روڊ ۽ دادو شهر ۾ ويٺل ٻوڏ متاثرن کي ڏنا آهن ۽ سيشن جج دادو جي حڪم تي فرسٽ سول جج دادو روينيو عملدارن کي ساڻ ڪري انڊس هاء روڊ تي ويٺل ٻوڏ متاثرين جون ڪئمپون چيڪ ڪيون پر ڪٿي به دادو انتظاميا پاران ڪا به ٽينٽ سٽي نظر نه آئي جنهن تي سول جج روينيو عملدارن کي چيو ته جتي توهان ٽينٽ ڏنا اهي هنڌ ڏسيو ته هلي ڏسون جنهن تي روينيو جي عملدارن سول جج کي ٻڌايو ته کين خبر ناهي ته ٽينٽ ڪٿي ڏنا ويا آهن ، سول جج پاران روينيو عملدارن ڪيل معائني دوران انڊس هاء وي روڊ تي سوين خاندان کلي آسمان هيٺ ۽ کٽون اڀيون ڪري انهن جي هيٺان ويٺل هئا ۽ سول جج دادو جي اهڙي رپورٽ سيشن جج دادو وڊيو ڪلپ سميت سنڌ هاء ڪورٽ جي چيف جسٽس ڏانهن ڏياري موڪلي آهي.