خيرپورناٿن شاه (ن پ ا)  خيرپورناٿن شاه  ايم آر ڊي تحريڪ ۾ پنهنجي قيمتي جانين جو نظرانو ڏيندڙ 9 شھيدن جي ياد ۾ پيپلزپارٽي ڪا به تقريب منعقد نه ڪئي ، پ پ صوبائي ضلعي ۽ مقامي قيادت کان خيرپورناٿن شاه جا شهيد وسري ويا   39 سال اڳ  12 سيٽمبر 1983 واري ڏينهن ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران جهموريت جي بحالي لاء پنهنجي قيمتي جانين جو نظرانو ڏيندڙ  9 شھيدن شھيد شاھنواز کوسو ,شھيد حبيب الله لغاري, شھيد نظام الدين نائچ, شھيد غلام نبي کوسو, شھيد ضمير جاگيراڻي, شھيد الله ورايو لانگاه , شھيد عبدالغني ابڙو, شھيد ديدار کوکر ۽ شھيد عبدالعزيز لاکير جي ڏنل بي مثال قربانين کي 39 سال مڪمل ٿي ويا آھن ، جمهوريت جي بحالي لاء ڏنل لازوال قربانيون ڏيندڙ ايم آر ڊي جا شهيد پيپلزپارٽي جي مرڪزي صوبائي ضلعي ۽ مقامي قيادت کان وسري ويا شهيدن جي ڏنل لازوال قربانين کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء ڪا به تقريب منعقد نه ٿي شهيدن جا اڪثر وارث مها ٻوڏ سبب دربدري واري زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن سندن جي ڪنهن به سار نه لڌي مختلف شهرن ۾ بي يارو مددگار مفلسي واري زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.