لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سجاول ڀرسان ڳوٺ غلام محمد مهيسر جي رهواسين 5 ڏينهن اڳ پراڻي دشمني تان قتل ٿي ويل نوجوان لياقت علي لولائي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مقتول جي وارثن مسمات حسينه خاتون، مومل خاتون، حاڪمان خاتون، برڪت، منٺار ۽ ٻين چيو ته سندن نوجوان جو قتل ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه پئي ڪري. هنن تدارڪ جي گهر ڪئي.