رائونتي (ن پ ا) بيواھ نعمت شر رائونتي ٿاڻي تي پھچي صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته مڙس جي قتل ڪيس ۾ گھربل جوابدار ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لاءِ پٽ شبير شر کي اغوا ڪري کڻي ويا آھن. ٽي سال اڳ جوابدارن منھنجي مڙس بخش شر کي گوليون ھڻي ماري ڇڏيو ھو لاش به ٽن ڏينهن کانپوءِ پوءِ واھ مان مليو ھو، متاثرہ عورت جو چوڻ هو ته جوابدارن محراب شر ، جمشيد شر ۽ غلام رسول شر ھر تي حملو ڪري گھر کي باھ ڏئي ساڙڻ بعد پٽ کي اغوا ڪري کڻي ويا آھن پوليس داد فرياد وٺڻ لاءِ تيار ناھي عورت وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي آفيس جا به چڪر ڪاٽي ٿڪجي پئي آهيان ڪوئي ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي. هوڏانهن رائونتي پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪريون پيا، عورت جو پٽ اغوا ٿيو آهي يا نه اها جاچ ڪيون پيا عورت جي مڙس جي قتل جي ايف آئي آر رائونتي ٿاڻي تي شر برادري جي ماڻهن تي داخل آهي, جلدي جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.