لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل شاگرد آڪاش سرگاڻي جي آزادي لاءِ وارثن  حسنين سرگاڻي، رافع سرگاڻي، شيراز سرگاڻي، رمضان سرگاڻي، عاقب سرگاڻي احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته آڪاش سرگاڻي ميٽرڪ جو شاگرد آهي. جيڪو پنهنجي والدين سان گڏ ڪراچي جي باغ ڪورنگي الحمرا سوسائٽي جو رهواسي آهي، جتي سندس والد محمد سليم سرگاڻي ميڊيڪل اسٽور هلائي گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو آهي. هنن الزام لڳايو ته گذريل 7 آڪٽومبر تي اڌرات جو بغير نمبر پليٽ جي واري ويگو ۽ ڊوم گاڏين ۾ سوار ٿي آيل سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن گهر تي چڙهائي ڪري 16 سالن جي آڪاش سرگاڻي کي کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو، جنهن کي اڄ 53 ڏينهن گذري چڪا آهن، پر هيئر تائين سندس ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، آڪاش جي امڙ صدمي سبب مسلسل بيماري بستري تي پيل آهي.