مني بجيٽ ملڪ لاءِ خطرو، گڏيل اپوزيشن سان حڪومت جو رستو روڪينداسين: شهباز شريف

0
205
رياست جي رٽ چئلينج ڪندڙ

ڪراچي( م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن تي هڪ ٻي مني بجيٽ سان وري ڪوڙي ثابت ٿي آهي

پنهنجي هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته حڪومت قوم جي مفادن جي تحفظ لاءِ مجرماڻو ڪردار ادا ڪيو آهي، آءِ ايم ايف جي شرطن تي مني بجيٽ آڻڻ جو اطلاع پاڪستان جي قومي سلامتي لاءِ خطرو آهي

هن چيو ته بار بار خبردار ڪري چڪو آهيان ته هي حڪومت پاڪستان جي معاشي خودمختياري لاءِ سازش ثابت ٿي آهي، مني بجيٽ سان گڏ اسٽيٽ بينڪ ۽ جي ايس ٽي سان لاڳاپيل قانون سازي جي ڪئي پئي وڃي، هي پاڪستان کي آءِ ايف جو معاشي غلام ۽ گورنر کي آءِ ايم ايف جو وائسراءِ بڻائي ڇڏيندو

ليگي صدر چيو ته آءِ ايم ايف جي موجوده حالتن جا نتيجا خطرناڪ ٿي سگهن ٿا، مستقبل ۾ پاڪستان جي دفاعي صلاحيت ۽ حڪومتي نظام جي مفلوج ٿيڻ جا خدشا آهن، عمران نيازي مني بجيٽ آڻڻ بدران استعيفيٰ ڏئي

هن جو چوڻ هو ته حڪومت جي اتحادي پارٽين کي قومي مفاد ۾ مني بجيٽ خلاف اٿڻ گهرجي، مني بجيٽ منظور هجڻ جو مطلب پاڪستان ۽ عوام جي مستقبل تي غلامي جي مهر لڳائڻ آهي، گڏيل اپوزيشن گڏجي پاڪستان ۽ عوام دشمن مني بجيٽ ۽ قانون سازي جو مقابلوڪندي ۽ حڪومت جو رستو روڪينداسين

هن وڌيڪ چيو ته مني بجيٽ مهانگائي جو شڪار قوم لاءِ موت جي گهڙي آهي، مني بجيٽ مان پيٽرول، بجلي ۽ گيس وڌيڪ مهانگو ٿيندو ته قوم جو جيئڻ ناممڪن ٿي ويندو، غربت ظلم جي لڪير پار ڪري چڪي آهي، ٽيڪسن ۾ واڌ سان ڪاروبار وڌيڪ تباهه ۽ معيشت تباهه ٿي ويندي، مهانگائي جي قيامت برپا ٿي چڪي آهي، ظالم حڪومت کان ڇوٽڪارو ئي قوم لاءِ نجات آهي

ھي به پڙھندا

موجودهه حڪومت اڄ سڄي ملڪ تي ڳرو بار بڻجي وئي آهي: شھباز شريف