لاڙڪاڻو: چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ بجلي سان گڏ جنريٽر به بند، مريضن جي حالت خراب

0
179
چانڊڪا جي اڳوڻي وي سي

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) اتر سنڌ جي سڀ کان وڏي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ بجلي سان گڏ جنريٽر به بند، مريضن جي حالت خراب ٿي وئي، شعبا حادثات ايمرجنسي وارڊ جي 2 ڪلاڪن کان بجلي بند ھجڻ سبڀ سخت گرمي ۾ مريض تڙپڻ لڳا، ايمرجنسي وارڊ ۾ آندل مريض کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ ۾ به ڊاڪٽرن کي پريشاني سان منهن ڏيڻو پئجي ويو ، بجلي نه ھجڻ سبب اسپتال عملو موبائيل فون جون ٽارچون ٻاري مريضن جو علاج ڪرڻ لڳا، چانڊڪا اسپتال ڪروڙين روپيا بجيٽ رکڻ باوجود ايمرجنسي وارڊ جو جنريٽر به بند پيل ـ صحت کاتي جون اختياريون ننڊ ستل پيل آھن.