ڪراچي: سنڌ جي آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري مان بدلي الائي ڪير ٿيندو؟ وفاقي حڪومت کي سزا ۽ جزا جو عمل سخت ڪرڻو پوندو، پوليس جون بڪتر بند گاڏيون اهڙيون آهن ڄڻ انهن ۾ ڀوسو (بوهه) ڀريل هجي جو انهن کي گوليون ۽ راڪيٽ لانچر ٿا لڳن، ڌاڙيل پوليس وارن کي شهيد ڪرڻ بعد بڪتر بند گاڏين تي چڙهي فوٽو ڪڍرائين ٿا، انهي تي ڪو ايڪشن ناهي ٿيو، هي ڪو ٻيو ملڪ ته ناهي جو هتي ڪو فوج چڙهائي ڪندي، هي چون ٿا ته ارڙهين ترميم تحت اوهين ڪجهه نٿا چئي سگهو، ارڙهين ترميم اهڙو سٺو گلدستو آهي، جنهن جا ثمرات اهي پيا نڪرن.