لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس قتل جي ڪيسن ۾ اشتهاري، روپوش، منشيات فروش ۽ سرگرم 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن وٽان غير قانوني هٿيار، منشيات، 5 چوري ڪيل موٽرسائيڪلون،موبائل، روڪ رقم ۽ چوري ٿيل سامان هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. وليد پوليس نئون ديرو ٿاڻي تي قتل ڪيس ۾ روپوش جوابدار هوت ميتلو کي بغير لائسنس رپيٽر ۽ ڪارتوس سميت،الهه آباد پوليس امتياز کي بغير لائسنس پسٽل ۽ گولين سميت، ڏوڪري پوليس 3 جوابدارن منير بروهي کي بندوق ۽ ڪارتوس سميت، ذوالفقار ڏيرو کي ڏيڍ ڪلو چرس سميت ۽ سجاد شيخ کي چوري ڪيل 2 موبائلن سميت، علي گوهر آباد پوليس عتيق الرحمان کي هيروئن سميت، سيهڙ پوليس سعيد ڪانڌڙو کي 250 گرام چرس سميت، يونيورسٽي پوليس قتل ڪيس ۾ اشتهاري جوابدار غلام مصطفيٰ عرف مصطو ٻرڙو کي، دڙي پوليس روپوش جوابدار غلام نبي عرف غلام الله خروس کي ۽ ڪيٽي ممتاز پوليس قتل جي ڪيس ۾ اشتهاري جوابدار امام الدين ناريجو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي سول لائين شهري خالد حسين ڪلهوڙي کان ڦر ڪيل 3 لک 10 هزار روپيا، شهري منصور احمد، رفيق احمد جون چوري ٿيل موٽرسائيڪلون، رتوديرو پوليس شهري جميل احمد چنو جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل، ايئرپورٽ پوليس شهري علي ڏنو جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل، ڏوڪري پوليس شهري شمن علي جوڻيجو جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل، شهري صدام حسين جوڻيجو جي ڦر ڪيل ٻه موبائيل فونون، شهري پپن ڍڪڻ، قاضي جميل ۽ ظهير احمد شيخ جو چوري ٿيل سامان، دڙي پوليس شهري وقار احمد شيخ کان ڦر ڪيل نقدي ۽ موبائل فون هٿ ڪري اصل مالڪن حوالي ڪري ڇڏيون آهن.